باب الاسلام

باب الاسلام

باب الاسلام اخبار

باب الاسلام (اخبار): هيءَ هفتيوار سنڌي اخبار حيدرآباد مان 1939ع ڌاري ايڊيٽر محمد عيسيٰ نظاماڻيءَ جي ادارت هيٺ شايع ٿي، جيڪا ڪيترائي سال جاري رهي. هن اخبار ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي خبرن سميت اشتهار ۽ اعلان پڻ شايع ٿيندا هئا. هيءَ اخبار اٺن صفحن تي مشتمل هئي. هيءَ اخبار علي بخش محمد يوسف، احمد زئي آفتاب پرنٽنگ پريس صدر حيدرآباد مان شايع ٿي ٽنڊي مير محمود مان پڌري ٿيندي هئي. هيءَ اخبار S948 نمبر سان رجسٽر ٿيل هئي. هن اخبار جو 24 آگسٽ 1945ع وارو پرچو سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هيءَ اخبار مسلسل شايع ٿيندي رهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو